76

وفاقي بجٽ ساڍا 9 هزار ارب ٿيڻ جو ڪاٿو، 4282 ارب کوٽ جو امڪان،ترقياتي بجٽ 800 ارب رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) نئين مالي سال 23-2022 جو وفاقي بجٽ ساڍا 9 هزار ارب روپيا ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. جنهن ۾ 4282 ارب روپين جي کوٽ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.   قومي اقتصادي ڪائونسل  مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ سالياني هدفن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،جنهن ۾ معاشي واڌ ويجهه جو هدف 5 سيڪڙو رکيو ويو  آهي. نئين مالي سال جي بجٽ ۾ ترقياتي بجٽ 800 ارب روپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي ترقياتي بجٽ 2184 ارب روپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن مان سنڌ کي 355 ارب 88 ڪروڙ روپيا، پنجاب لاءِ 585 ارب روپيا، خيبرپختونخوا لاءِ 300 ارب روپيا ۽ بلوچستان لاءِ 143 ارب 53 ڪروڙ روپيا رکيا ويندا. مليل دستاويزن موجب دفاعي بجٽ 15 86 ارب روپيا رکجڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ايف بي آر7255 ارب روپيا ٽئڪسن جي اوڳاڙي ڪندو، نان ٽئڪسن جي مد ۾ 1626 ارب روپين جي اوڳاڙي ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو، وفاق کان صوبن کي 4215 ارب روپيا منتقل ٿيندا. نئين مالي سال ۾ 1232 ارب روپين جون گرانٽس ڏنيون وينديون، حڪومتي معاملا هلائڻ لاءِ 550 ارب روپيا ۽ سبسڊيز ڏيڻ جي مد ۾ 578 ارب روپيا رکيا ويندا. سڀ کان وڌيڪ ترقياتي بجٽ 121 ارب روپيا اين ايڇ اي کي ملندو، 3523 ارب روپيا قرضن تي وياج ڀرڻ لاءِ ، پاڻي جي وسيلن لاءِ 96 ارب روپيا ۽ ريلويي لاءِ 33 ارب روپيا رکيا ويندا. ايجوڪيشن ڪميشن کي 41 ارب 87 ڪروڙ روپيا ملندا، تعليمي رٿائن لاءِ 6 ارب، هائوسنگ لاءِ 11 ارب 60 ڪروڙ  ۽ غذائي تحفظ لاءِ 12 ارب روپيا رکڻ جي تجويز پڻ شامل آهي. ان کان اڳ قومي اقتصادي ڪائونسل سالياني پلان بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ 23 – 2022ع ايندڙ مالي سال جي لاءِ معاشي واڌويجهه جي شرح سميت هدفن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ منصوبابندي واري وزارت قومي اقتصادي ڪائونسل کي سالياني پلان سال 22 – 2021ع جو جائزو پيش ڪيو ۽ سال 23 – 2022ع جي هدفن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪائونسل کي ترقياتي بجيٽ 22 – 2021ع جو جائزو پيش ڪيو ويو. ڪائونسل کي آگاهه ڪيو ويو ته مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ 900 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي جڏهن ته ڪورونا وبا جي ڪري معاشي ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ گهٽتائي ٿي ۽ رڳو 550 ارب روپيا خرچ ٿي سگهيا. قومي اقتصادي ڪائونسل مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ 800 ارب روپين جو ترقياتي بجٽ رکڻ جي تجويز منظور ڪئي. ڪائونسل گڏيل فيصلو ڪيو ته ترقياتي بجٽ ۾ 60 سيڪڙو جاري منصوبن ۽ 40 سيڪڙو نئين منصوبن تي خرچ ڪيو وڃي. ڪائونسل مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ سالياني هدفن جي منظوري ڏني. معاشي واڌ ويجهه جو هدف 5 سيڪڙو رکيو ويو آهي جنهن کي 6 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، زراعت سيڪٽر جي واڌويجهه جو هدف 3.9 سيڪڙو، صنعت جو 5.9 سيڪڙو ۽ سروسز سيڪٽر جي وڌاويجهه جو هدف 5.1 سيڪڙو رکڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪائونسل سالياني پلان بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ 23 – 2022ع جي پڻ منظوري ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو