120

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران دعا زهره کي پنهنجي مرضي سان فيصلو ڪرڻ جي اجازت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان نڪري پنجاب ۾ مرضي جي شادي ڪندڙ ناري دعا زهريٰ کي مائٽن يا مڙس ڏانهن وڃڻ بابت پاڻ فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏيندي کيس مرضي سان زندگي گذارڻ جي اجازت ڏني آهي. عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي ڪيس جو ضمني چالان ۽ ناري جي عمر جي تعين بابت ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رڪارڊ ڪرايل بيان ٽرائيل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه دعا زهريٰ جي والد پاران داخل ڪيل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ڏنو. عدالت لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته حلفيه بيان جي روشني ۾ عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته دعا زهريٰ پنهنجي مرضي سان جنهن سان وڃڻ چاهي يا رهڻ چاهي رهي سگهي ٿي کيس مڪمل آزادي آهي. عدالت چيو ته سمورين شاهدين جي روشني ۾ اغوا جو ڪيس نٿو ٺهي. عدالت چيو ته دعا زهريٰ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ سنڌ حڪومت جي صوابديد آهي. عدالت ٽرائيل ڪورٽ کي پڻ قانون موجب ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي دعا زهريٰ جي بازيابي بابت داخل ڪيل درخواست اڪلائي ڇڏي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران دعا زهريٰ ۽ سندس مڙس ظهير کي سخت سيڪيورٽي هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان پوليس پاران ناريءَ جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ دعا زهريٰ جي عمر 16 کان 17 سالن جي وچ ۾ آهي جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان ان حوالي ڪجهه دستاويز پيش ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جيڪي به دستاويز پيش ڪرڻا آهن اهي ٽرائيل ڪورٽ ۾ پيش ڪريو اسان وٽ ناري جي بازيابي لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي ۽ ناري بازياب ٿي وئي آهي. ان موقعي تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي گذارش ڪئي ته ڪيس کي اڪلايو وڃي ۽ معاملن کي ڏسڻ لاءِ ڪيس ٽرائيل ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. هن چيو ته 10 جون تي ناري کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش  ڪرڻو آهي تنهن ڪري ناري کي پنجاب پوليس حوالي ڪيو وڃي ته جيئن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري سگهجي. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪيس هتي هلي رهيو آهي جنهن تي عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ناري جو بيان ٿي چڪو آهي اوهان جذباتي ڇو ٿي رهيا آهيو. ان موقعي تي عدالت ناريءَ جي والد کان پڇيو ته اوهان ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي والد چيو ته منهنجي شادي کي 17 سال ٿيا آهن ته پوءِ منهنجي ڌيءَ جي عمر 17 سال ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ جنهن تي عدالت چيو ته اسان وٽ دعا زهريٰ جو بيان آهي ۽ اسان کي سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي شرعي عدالت جي فيصلن کي ڏسڻو آهي. عدالت دعا زهريٰ جي والد کي چيو ته اوهان پنهنجي ڌيءَ سان ملاقات ڪري وٺو اسان ناري کي چيمبر ۾ گهرايون ٿا. ان موقعي تي عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته دعا زهريٰ جي پنهنجي والدين سان چيمبر ۾ 10 منٽن لاءِ ملاقات ڪرائي وڃي جنهن کان پوءِ پوليس ناري کي چيمبر ۾ پيش ڪري ملاقات بعد واپس وٺي وئي. دعا زهريٰ جي والده ڌيءَ سان ملاقات بعد روئيندي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ ملاقات دوران چيو ته مان گهر وڃڻ چاهيان ٿي. هن ملاقات دوران چيو ته مان پنهنجو بيان عدالت ۾ ڏيندس ته مان پنهنجي گهر وڃڻ چاهيان ٿي پر پوليس ڌيءَ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران شيلٽر هوم وٺي وئي. ان موقعي تي دعا زهريٰ جو والد پڻ پنهنجي وڪيل سميت روسٽرم تي پهچي چيو ته منهنجي ڌيءَ گهر وڃڻ لاءِ چيو آهي. ملاقات دوران دعا زهريٰ چيو آهي ته هوءَ گهر وڃڻ چاهي ٿي تنهن ڪري عدالت کي گذارش آهي ته حڪم تي نظرثاني ڪئي وڃي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، ناريءَ اسان جي سامهون بيان ڏنو آهي ۽ حلفيه بيان جي باوجود اوهان اسان کي هڪ ٻيو حڪم جاري ڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهيو. عدالت ناري جي والد کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي اوهان جي ڳالهه تي يقين ناهي عدالت ۾ ناري حلفيه بيان ڏنو آهي ان جي اهميت آهي. عدالت والدين جي دعويٰ کي غلط قرار ڏيندي دعا زهريٰ جي بازيابي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ان وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا، جڏهن ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي ويندي ڏسي زارو قطار روئيندي رهي، ان موقعي تي موجود عورت جي اکين ۾ به لڙڪ لڙي آيا،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو