94

نيب جي اڳوڻن آفيسرن، زين العابدين، اسامه يونس، منور گوپانگ، منير احمد ۽ ٻين خلاف جاچ شروع

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) نيب جي اڳوڻن آفيسرن، زين العابدين، اسامه يونس، منور گوپانگ، منير احمد ۽ ٻين خلاف وڏي  پيماني  تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، نيب ڪراچي ناجائز اختيارن ۾ ملوث اڳوڻن آفيسرن جي خلاف وڏي پيماني تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، اڳوڻي اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽري نيب ڪراچي زين العابدين ۽ اڳوڻي جاچ آفيسر نيب اسامه يونس خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي، اڳوڻي بينڪنگ ايڪسپرٽ نيب منور حسين گوپانگ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڪريم بخش ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر منير احمد خلاف جاچ شروع ڪئي پئي وڃي، اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽري ۽ ٻين تي بدعنواني، اختيارن جو ناجائز استعمال رشوت ذريعي جوابدارن سان مولي ڀڳت ۽ ٻيا الزام هئا،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو