72

وزير اعظم شهباز شريف چوڌري شجاعت جي گهر پهتو، عيادت، سياست ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف ق ليگ سربراهه  چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات جي لاءِ سندس گھر پهتو،  وزيراعظم شهباز شريف سان خواجه سعد رفيق ۽ ملڪ احمد خان موجود هئا، ملاقات دوران موجود سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزير اعظم حڪومتي قدمن کان کيس آگاهه ڪيو، ٻنهي اڳواڻن اڳتي به رابطا ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ملاقات دوارن طارق بشير چيمه، چوڌري سالڪ حسين، چوڌري شافع حسين، قومي اسيمبلي ميمبر مسز فرخ خان موجود هئي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو