87

رانا ثناءُ الله جي عمران خان کي چونڊن تي ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ، گرفتاري لاءِ پڻ تيار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير رانا ثناءُ الله اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي چونڊن تي ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. هڪ انٽرويو ۾ رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ويهي ڳالهيون ڪري، چونڊون آڪٽوبر ۾ ڪرائڻيون آهن يا اڳتي، اهي معاملا حل ٿي سگھن ٿا. هن چيو ته عمران خان جي 25 مئي جي الٽيميٽم کان اڳ (ن) ليگ جو موقف هيو ته پيٽرول مهانگو ڪرڻ بدران اليڪشن ۾ هليا وڃون پر عمران خان جي ضد ۽ غير جمهوري روين جي ڪري اتحادين چيو ته عمران خان جي چوڻ تي چونڊون نه ٿا ڪرائي سگھون. رانا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته ڪو به لانگ مارچ اسلام آباد ڏانهن ٻن صورتن ۾ وڌي سگھي ٿو، حڪومت اجازت ڏي يا سپريم ڪورٽ، ان کان سواءِ ڪو مارچ نه ٿو اچي سگھي.گھرو وزير چيو ته عمران خان ڀلي لانگ مارچ جي تياري ڪري ۽ تاريخ جو اعلان ڪري، هو سمجهي ٿو هي جيڪو چاهيندو اهو پوري قوم کي مڃڻو  پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڇا ليڊر آف هائوس جي ليڊر آف اپوزيشن سان هٿ ملائڻ بنا نظام هلي سگھي ٿو؟ عمران خان ساڍا 3 سال اهو ئي ڪيو آهي، عمران خان هاڻي اپوزيشن ۾ آهي ته چوي ٿو ته هو حڪومت کي نه ٿو مڃي. رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جو نالو في الحال اي سي ايل تي نه آهي، هن ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جا ثبوت موجود آهن، هن کي گرفتار ڪرڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته فرح خان ذريعي جيڪا رشوت ورتي ويندي هئي، ان جي جانچ ٿي رهي آهي، ان ۾ وقت لڳندو، نئون نيب چيئرمين جيئن چاهيندو ايئن جانچ ڪندو، اسان جو ڪو واسطو نه هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو