125

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز کان سمورا مطالبا مڃرائي ورتا

لاهور ( م ڊ )اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جو اسپيڪر پرويز الاهي کي آئيني طريقي سان هٽائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.  صدر آصف علي زرداريءَ ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي ٿيل ملاقات بابت ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي پيپلز پارٽي ن ليگ سان مڪمل سهڪار ڪندي.آصف علي زرداري پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف ڪارروائي لاءِ  پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ننڍي چونڊ ۾ سمورن تڪن تي ن ليگ جي مقابلي ۾ بيٺل  پنهنجن اميدوارن کان هٿ کڻائيندي.ذريعن موجب  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنجاب جي وڏي وزير کان سمورا مطالبا مڃرائي صوبائي ڪابينا ۾ وزارتن ۽ ٻين حڪومتي عهدن جي ورڇ تي پڻ راضي ڪري ورتو آهي. جنهن موجب پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾ 5 وزارتون، ٻن  صلاحڪارن ۽ ٻن  خاص مددگارن جا عهدا ملندا. پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن کي آبپاشي ۽ زراعت وارا کاتا پڻ ملندا، 10 کان وڌيڪ وزير هلندڙ هفتي ۾ ئي قسم کڻندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو