102

تعليمي ادارن ۾ داخلا لاءِ شاگردن جي منشيات ٽيسٽ لازمي قرار ڏيڻ جو بل رد

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي تعليمي ادارن ۾ داخلا لاءِ شاگردن جي منشيات ٽيسٽ لازمي قرار ڏيڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب قومي اسيمبليءَ ۾ اسلام آباد جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ جو بل پيش ڪيو ويو، (ن) ليگ جي شڪيلا لقمان بل پيش ڪيو، حمايت ۾ 6 ۽ مخالفت ۾ 50 ووٽ پيا، جنهن کان پوءِ بل رد ڪيو ويو، ڊپٽي اسپيڪر ڳالهائيندي چيو ته بل پيش ڪندڙ شڪيلا لقمان به بل جي خلاف  ووٽ ڏنو آهي: ڊپٽي اسپيڪر،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو