119

سينيٽ ڪاميٽي ۾ هنگامو، شبلي فراز ۽ سينيٽر افنان الله وچ ۾ منهن ماري

اسلام  آباد (م ڊ) سينيٽ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر افنان الله جي سربراهي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ شهبازگل جي گھرواريءَ ڏانهن رهتن جي معاملي تي هنگامو ٿيو،  سنيٽر افنان الله ڳالهائيندي چيو ته  شهبازگل جي گھرواريءَ کي ڪامسيٽس يونيورسٽي جا 2لک ڊالر ڏيڻا آهن، ان بيان تي سينيٽر شبلي فراز ۽ سينيٽر افنان الله جي وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي، سخت جملن جي ڏي وٺ ۽ هنگامي بعد پارليامينٽ جي سيڪيورٽي وارا پهتا، سينيٽر شبلي فراز ڳالهائيندي چيو ته ڪاميٽي چيئرمين سياسي ٿي رهيا آهن، سڀاڻي اسان به توهان جي ليڊرشپ جي خلاف ڪيس کڻي اينداسين،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو