80

مهانگائي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ درآمد جا هدف حاصل نه ٿي سگهيا، واپاري خسارو 43 ارب 33 ڪروڙ ڊالرن کان وڌي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي سروي 22-2021 جا اهم انگ اکر سامهون اچي ويا، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جي ڊي پي، زراعت، خدمتن ۽ صنعتي شعبي جا هدف حاصل ڪيا ويا. جاري ٿيل اقتصادي سروي موجب مهانگائي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ واپاري خسارو، درآمدن جا طئي ٿيل هدف حاصل نه ٿي سگهيا، بچت، سيڙپڪاري سميت ڪڻڪ ۽ ڪپهه جا پيداواري هدف به حاصل نه ٿي سگهيا. سروي رپورٽ موجب مالي سال 22-2021 ۾ مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) جي شرح 6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو هدف 4.8 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو. زرعي شعبي جي اوسر جي شرح 3.5 سيڪڙو جي هدف جي ڀيٽ ۾ 4.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، صنعتي شعبي جي اوسر 6.6 سيڪڙو جي هدف جي ڀيٽ ۾ 7.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، خدمتن جي شعبي جي اوسر 4.7 سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ 6.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب مهانگائي جي سراسري شرح 8 سيڪڙو جي هدف جي ڀيٽ ۾ 13.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جڏهن ته مجموعي سيڙپڪاري 16.1 سيڪڙو هدف جي ڀيٽ ۾ 15.1 سيڪڙو رهي. اقتصادي سروي موجب پاڪستان ۾ لائيو اسٽاڪ ۾ 3.26 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. سروي رپورٽ موجب جولاءِ کان اپريل دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13 ارب 80 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو هدف 2 ارب 27 ڪروڙ 60 لک ڊالر مقرر ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ جولاءِ 2021 کان مئي 2022 تائين واپاري خسارو 43 ارب 33 ڪروڙ ڊالرن کان وڌي ويو، واپاري خساري جو هدف 28 ارب 43 ڪروڙ 60 لک ڊالر مقرر هو. جولاءِ کان مئي دوران درآمدون 72 ارب 18 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويون، درآمدن جو هدف 55 ارب 26 ڪروڙ 60 لک ڊالر مقرر ڪيو ويو هو. سروي رپورٽ موجب جولاءِ کان مئي تائين برآمدون 28 ارب 84 ڪروڙ ڊالر رهيون، برآمدن جو هدف 26 ارب 83 ڪروڙ ڊالر مقرر ڪيو ويو هو. اقتصادي سروي موجب پاڪستان جي آبادي 22 ڪروڙ 47 لک آهي، پاڪستان جا 8 ڪروڙ 28 لک ماڻهو شهرن ۾ رهن ٿا، 14 ڪروڙ 19 لک ماڻهو ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهن ٿا. رپورٽ موجب جولاءِ کان مارچ 18-2017 ۾ اوسر جي شرح 6.10 سيڪڙو هئي، جولاءِ کان مارچ 22-2021 ۾ اوسر جي شرح 5.97 سيڪڙو رهي. ان کانسواءِ جولاءِ کان مارچ 18-2017 ۾ مهانگائي جي شرح 4.6 سيڪڙو هئي، جيڪا جولاءِ کان مارچ 22-2021 ۾ 10.8 سيڪڙو رهي. اقتصادي سروي رپورٽ موجب مارچ 2022 تائين سرڪاري قرض 44 هزار 366 ارب رپين کان وڌي ويو، هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ قرضن ۾ ساڍا 4 هزار ارب رپين جي واڌ ٿي. سروي رپورٽ موجب مارچ 2022 تائين مقامي قرض جو ڪاٿو 28 هزار ارب رپين کان وڌيڪ رهيو، ان ئي عرصي تائين ٻاهريون قرض 16 هزار 290 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ پرڏيهي قرض 2689 ارب رپيا وڌيو، جولاءِ کان مارچ تائين ملڪي قرض ۾ 1811 ارب رپين جي واڌ ٿي. اقتصادي سروي موجب مارچ 2022 تائين مقامي قرض جو ڪاٿو 28 هزار ارب رپين کان وڌيڪ رهيو، مارچ 2022 تائين ٻاهريون قرض 16 هزار 290 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. اقتصادي سروي موجب زرعي شعبي ۾ روزگار ۾ گهٽتائي آئي، زرعي شعبي ۾ روزگار 39.2 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 37.4 سيڪڙو رهيو. سروي رپورٽ موجب لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي گروٿ 2.38 سيڪڙو مان وڌيڪ 3.26  سيڪڙو رهي. فصلن جي پيداوار 3.48 سيڪڙو مان وڌي 4.4 سيڪڙو رهي، پاڪستان ۾ اهم فصلن جي پيداوار 5.83 سيڪڙو مان وڌي 7.24 سيڪڙو رهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو