لاهور(م ڊ) گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف داخل ڪيس جو فيصلو معطل، لاهور هاءِ ڪورٽ راڻا ثناءُ الله، سي سي پي او ۽ ڊي آءِ جي آپريشن خلاف داخل ڪيس جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي، سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ لانگ مارچ دوران وڪيلن تي تشدد جو الزام ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ڪانسٽيبل محمد اسلم سيشن ڪورٽ جي فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سيشن ڪورٽ حقيقتن جي ابتڙ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
108