ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي 7 رپيا 80 پئسا في يونٽ مهانگي، نيپرا منظوري ڏئي ڇڏي، نيپرا هفتي ۾ ٻيو ڀيرو ڪراچي واسين مٿان وڄ ڪيرائي ڇڏي آهي، ٻيهر بجلي 7 رپيا 80 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئيو ڪئي آهي، نيپرا مختلف ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ اگهه ۾ واڌ ڪئي آهي، سمري نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي اماڻي وئي آهي، جولاءِ کان سيپٽمبر 2021ع جي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي 6 رپيا 47 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي، جنوري کان مارچ 2021ع تائين بجلي هڪ رپيو 33 پئسا مگاني ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، سمري حڪومت کي موڪلي وئي آهي، نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي اگهن ۾ واڌ ٽه ماهي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي، واضح رهي ته گذريل ٽن مهينن دوران ڪي اليڪٽرڪ جي لاڳيتو بجلي اگهن ۾ واڌ جي درخواست منظور ٿيندي رهي آهي.
104