واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي فوج جو ويڙهاڪ جهاز ڪري تباهه، 4 اهلڪار مارجي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيليفورنيا ۾ آمريڪي فوج جو ويڙهاڪ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار مارجي ويا ۽ هڪ گم ٿي ويو آهي، جهاز ۾ 5 ڄڻا سوار هئا، آمريڪي فوج موجب جهاز ۾ ايٽمي مواد موجود هئڻ جا اطلاع درست ناهن، ايم وي 22 بي او سپري جهاز ميڪسيڪو جي سرحد کان 35 ڪلو ميٽر پري ڪري تباهه ٿيو آهي.
142