85

مدو پوري ڪري ئي اليڪشن جي طرف وينداسين: مريم نواز

اسلام آباد (م ڊ)  مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مدو پوري ڪري ئي اليڪشن جي طرف وينداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته عمران خان اسلام آباد تي حملي آور ٿيو، رانا ثناءُ الله لانگ مارچ ۾ کيس تاريخي شڪست ڏني، هاڻي انقلاب ضمانت وٺي سپريم ڪورٽ جي طرف  ڏسي رهيو آهي، مريم نواز جو چوڻ هوته بنا گالا جو نالو مني گالا هئڻ گهرجي، هڪ تالو کولرائڻ لاءِ خاتون اول کي قيمتي هيرا ڏنا ويا، توهان هيرا پايو سمورين اڱوٺن ۾ پايو پر پنهنجن پئسن مان عوام جي پئسن مان نه، هن چيو ته رانا ثناءُ الله راهه ڏسي رهيو آهي ته هي لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪن، سوال ان کان ڪيو وڃي جنهن پورو صوبو فرح گوگي جي حوالي ڪيو، عمران خان اسان لاءِ بارودي سرنگهون ڇڏيون، ان جا ساٿي چئي رهيا آهن ته عمران خان پاگل آهي هو ڄاڻن ٿا ته هن ڄاڻي واري پرڏيهي سازش جو ڊرامو رچايو، هن چيو ته وزيراعظم کي عوام جي تڪليف جو احساس آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو