103

حڪومت سرڪاري ملازمن جو پگهار وڌائڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي،روس مان ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جو به فيصلو

اسلام آباد( بيورو رپورٽ ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته نئين مالي سال جي وفاقي بجٽ ۾ معيشت جي رُخ کي درست ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، الله پاڪ جي مهربانيءَ سان ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، هاڻي اسان استحڪام جي رستي تي آيا آهيون ۽ انشاءَ الله جلد استحڪام جي منزل تي پهچنداسين. عمران خان بارودي سرنگون اسان جي حڪومت خلاف پر رياستِ پاڪستان خلاف لڳايون هيون، خميس ڏينهن مالي سال 22-2021ع جي اقتصادي جائزه رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير خرم دستگير، احسن اقبال ۽ مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ ناڻي واري سيڪريٽريءَ سان گڏ پريس بريفنگ ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، بجٽ کان آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جو معاهدو ٿيندو، بجٽ ۾ ملڪي مفاد ۾ اهڙا سڌارا متعارف ڪرائبا جيڪي آءِ ايم ايف کي به پسند ايندا. اسان آءِ ايم ايف سان درست انگ اکر شيئر ڪيا آهن. ناڻي واري وزير آءِ پي پيز کي ادائگيون روڪڻ وارين خبرن جي به ترديد ڪئي. هن چيو ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ڪفايت شعاري کي هٿي وٺرائي ويندي جڏهن ته مهانگائي جي شرح سان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويندو جن جي پگهارن ۾ اڳ واڌ نه ٿي آهي. هن چيو ته  پاڪستان جي معيشت ۾ جڏهن به اؤسر جي شرح وڌيڪ ايندي آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي ويندو آهي، هن وقت به گروٿ جي شرح 5.97 سيڪڙو آهي، اؤسر جي شرح نئين بيسنگ جي بنياد تي آهي. 06-2055ع جي بيسنگ بنياد تي اؤسر جي شرح ان کان گهٽ آهي جنهن جي نتيجي ۾ ادائگين جي توازن ۾ بحران آيو آهي. گذريل حڪومت الزام تراشين ۽ـ ماڻهن کي جيلن ۾ وجهڻ بجاءِ ڪورونا جي ڏينهن ۾ جڏهن دنيا ۾ ايل اين جي ۽ تيل سستو هو ڊگهي مُدي جا سودا ڪري ها ته اسان کي پيٽرول ۽ـ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻو پوي ها. اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته عمران خان نئين حڪومت لاءِ بارودي سرنگون وڇايون هيون، حقيقت ۾ اهي سرنگون اسان جي حڪومت خلاف نه پر رياستِ پاڪستان خلاف لڳايون ويون. ناڻي واري وزير چيو ته ڪورونا 19هين صديءَ جي وبا آهي پر ان اسان لاءِ موقعا به پيدا ڪيا هئا جنهن مان اڳوڻي حڪومت ڪوبه فائدو نه کنيو. پاڪستان کي ان وبا مان جاني نقصان کان علاوه مالي طور تي نقصان نه پهتو، ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف ۽ ٻين ادارن پاڪستان کي 4 ارب ڊالرن کان وڌيڪ امداد ڏني، ان کان علاوه جي 20 ملڪن طرفان قرضن جي ري شيڊولنگ ۽ ٻيون مراعتون به حاصل ڪيون ويون پر اڳوڻي حڪومت ان مان ڪو فائدو نه کنيو، هاڻ صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي جو اسان کي ڪڻڪ به امپورٽ ڪرڻي پئجي رهي آهي، 30 لک ٽن ڪڻڪ جي امپورٽ جي منظوري ڏئي چڪا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ روس سان حڪومتي سطح تي ڪڻڪ جي خريداريءَ لاءِ ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ امپورٽ 70 کان 75 ارب ڊالرن تائين رهڻ جو امڪان آهي جيڪا ملڪي تاريخ جي بلند ترين شرح آهي. امپورٽ ۾ هلندڙ مالي سال دوران 48 سيڪڙو اؤسر ٿي آهي، ايڪسپورٽ ۾ 28 سيڪڙو جي شرح سان اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته چين سان رول اوور قرض جي مد ۾ 2.5 ارب ڊالرن جي معاونت پاڪستان کي ملي ويندي جنهن بعد اسان جا ناڻي جا ذخيرا 12 ارب ڊالرن کان وڌي ويندا. ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ معيشت کي درست رُخ ۾ آڻڻو آهي، هن وقت عالمي منڊيءَ ۾ برينٽ خام تيل جو اگهه 123 ڊالر في بيرل آهي جنهن جي ڪري پيٽرول ۽ پيٽروليم مصنوعات جا اگهه به تمام وڌيڪ ٿي ويا آهن، ان تناظر ۾ حڪومت ٻه ڀيرا پيٽرول جي قيمت ۾ 30-30 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو. اهو الميو آهي ته عمران خان جي حڪومت وڃڻ کان اڳ هن پيٽرول سستو ڪيو هو، موجوده حڪومت کي اهي ڏُکيا فيصلا ڪرڻا پيا، الله جي مهرباني سان ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو آهي، هاڻي اسان استحڪام جي رستي تي آيا آهيون ۽ انشاءَ الله جلد استحڪام جي منزل ماڻينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته هن وقت اسان جون 80 سيڪڙو صنعتون مقامي کپت لاءِ مصنوعات تيار ڪنديون آهن، نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ اسان جي اها ڪوشش هوندي ته ايڪسپورٽ صنعتن کي هٿي وٺرايون. مفتاح اسماعيل چيو ته توانائيءَ جون قيمتون وڌي رهيون آهن ان لاءِ صنعتن کي گيس جي فراهميءَ ۾ ڏُکيائي اچي رهي آهي، جڏهن ته اها ڳالهه تمام سٺي آهي ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ صنعتن کي گيس ملي رهي آهي. ٻي پاسي  پي اينڊ پينشن ڪميشن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ لاءِ سيلري سروي ڪرائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ڪميشن ملازمن کي ملندڙ ايڊهاڪ الائونسز، هائوس رينٽ الائونس، ڪنوينشن الائونس، نائيٽ الائونس، آفيس ۾ ڊگهي وقت تائين ڪم ڪرڻ جو الائونس ۽ ٻين الائونسز کي ضم ڪري پگهار ۽ پينشن جو نئون سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو