104

پاڪستان اسان کان جيترو به فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: چائنا

لاهور(م ڊ) چيني قونصلر جنرل چيو آهي ته پاڪستان اسان کان جيترو به فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، لاهور جي مقامي هوٽل ۾ انڊر سٽيڊنگ چين فورم جي اهتمام هيٺ نيئن چيني قونصلر جنرل جي اعزاز ۾ مانجهاندي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾  شرڪت ڪندڙن پاڪستان-چائنا سميت گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون، تقريب کي خطاب ڪندي چيني قونصلر جنل زائو شيرين چيو ته  پاڪستان اسان کان جيترو به فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون،  سي پيڪ منصوبو ٻنهي ملڪن جي بهترين تعلقات جو اکين ڏٺو ثبوت آهي، پاڪستان سان تعلقات کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، چائنا کي پاڪستان ۾ نئين ٽيڪسٽائل، مشينري ۽ صنعتون لڳائڻ گهرجن، جنهن سان روزگار وڌندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو