اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت نئين مالي سال 23-2022ع جو 95 کرب روپين جو بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ غير ضروري ۽ امير طبقي جي استعمال ۾ ايندڙ شين تي وڏا ٽئڪس لڳايا ويا آهن، جڏهن ته عام ماڻهو کي ٽئڪسن کان بچائيندي انهن لاءِ ڪجهه ريليف ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ 355 ارب روپين جا اضافي ٽئڪس لڳايا ويا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جمع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ نئين مالي سال جو بجيٽ پيش ڪيو. ان بجيٽ ۾سڀ کان وڌيڪ خوشخبري سرڪاري ملازمن کي ڏني وئي آهي جن جي پگهار ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سگريٽن، موبائل فون ۽ گاڏين تي ٽئڪس وڌايا ويا آهن جنهن ڪري اهي مهانگيون ٿينديون.جڏهن ته سولر پينل جي درآمد ۽ ڊسٽريبيوشن تي ٽئڪس ختم ڪيا ويا آهن. 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي سولر پينل خريدڪرڻ لاءِ بئنڪن مان قرض پڻ ڏنو ويندو. اهڙي ريت فلم ۽ ٽي وي سان لاڳاپيل اوزارن تي ڊيوٽي جي 5 سالن تائين ڇوٽ ڏني وئي آهي. فنڪارن لاءِ ميڊيڪل انشورنس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. مهاڻن لاءِ پورٽ ڪليئرنس جو شرط پڻ ختم ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي ايڊهاڪ ريليف کي بنيادي پگهار ۾ ضم ڪرڻ جو مطالبو پڻ منظور ڪري ورتو آهي، جڏهن ته انهن جي پگهار ۾ 15 سيڪڙو واڌ پڻ ڪري ڇڏي آهي. بجيٽ ۾ هڪ لک روپين تائين جي پگهار تي ٽئڪس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي. بجيٽ ۾ شاگردن کاءِ پڻ اهم اعلان ڪيا ويا آهن. شاگردن کي هڪ لک ليپ ٽاپ سولين قسطن تي ڏنا ويندا، وڌيڪ 10 هزار انڊر گريجويٽ شاگردن کي اسڪالر شپش ملنديون، بينظير تعليمي وظيفن واري پروگرام لاءِ 35 ارب روپين جي واڌ ڪري ان پروگرام کي هڪ ڪروڙ شاگردن تائين وڌايو ويندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيٺ 90 لک ڪٽنبن کي ڪيش ٽرانسفر جي سهولت ملندي، سولر پينل وٺڻ لاءِ پڻ قرض ملندو .ڪاروبار لاءِ نوجوانن کي 5 لک روپين تائين وياج بنا ۽ اڍائي ڪروڙ روپين تائين سولين قسطن تي قرض ڏيڻ جي اسڪيم پڻ شروع ٿيندي. 40 هزار روپين کان گهٽ ڪمائيندڙن کي ماهوار 2000 روپيا ملندا. بجيٽ ۾ انڪم ٽئڪس جي گهٽ ۾ گهٽ حد 6 لک کان وڌائي 12 لک روپيا ڪئي وئي آهي. فائلرز جي لاءِ ملڪيت وٺڻ يا وڪڻڻ تي ايڊوانس ٽئڪس جي شرح هڪ سيڪڙو مان وڌائي 2 سيڪڙو ڪئي وئي،نان فائلرز لاءِ ٽئڪس جي شرح 100 سيڪڙو مان وڌائي 200 سيڪڙو ڪئي وئي، اڍائي ڪروڙ يا وڌيڪ ماليت جي اضافي گهرن تي به ٽئڪس لڳندو. ننڍن واپارين کان فڪس ٽئڪس ورتو ويندو. انهن کان 3 هزار روپين کان 10 هزار روپيا فڪسڊ ٽئڪس بجليءَ جي بلن ذريعي ورتو ويندو، جنهن سان اهي ايف بي آر جي پڇاڻي کان پڻ آجا رهندا. ڪاروباري ماڻهن ۽ انفرادي ايسو سي ايشنز پرسنز تي ٽئڪس جي ڇوٽ جي بنيادي حد 4 لک مان وڌائي 6 لک روپيا ڪئي وئي آهي. صنعتي ادارن ۽ ٻين ڪاروبارن کي پهرئين سال ۾ انيشل ڊيپريئيشن جي مد ۾ 100 سيڪڙو ايڊجسٽمينٽ جي به اجازت ڏني وئي آهي، ڪيپيٽل گين ٽئڪس 6 سالن کان پوءِ مڪمل ختم ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت دوائن تان ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 1523 ارب روپيا، صحت لاءِ 24 ارب روپيا، ڪي فور لاءِ 20 ارب روپيا، پي ايس ڊي پي لاءِ 550 ارب روپيا، پينشن 525 ارب روپيا، وفاقي ترقياتي خرچن لاءِ 800 ارب روپيا، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاءِ 121 ارب روپيا، آئي ٽي جي شعبي لاءِ 70 ارب روپيا، پيپڪو لاءِ 49 ارب روپيا، يوٽيلٽي اسٽورز 12 ارب روپيا، بينظير ڪفالت ٽرانسفرز 266 ارب روپيا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 364 ارب روپيا، اٽامڪ انرجي ڪميشن لاءِ 25 ارب روپيا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان 96.96 ارب روپيا، ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيل ضلعن لاءِ 50 ارب روپيا، ڪابينا ڊويزن لاءِ 60 ارب روپيا، بيت المال لاءِ 6 ارب روپيا، ريلوي 33 ارب روپيا، رمضان پيڪيج 5 ارب روپيا، پينشن 530 ارب روپيا، سبسڊيز 699 ارب روپيا، هاير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 65 ارب روپيا ۽ ماحولياتي تبديلي لاءِ 10 ارب روپيا رکيا ويا آهن.
