104

هٿياربند فوج پاران معيشت جي استحڪام لاءِ خرچ گهٽائڻ ۽ ڪانفرنسون آن لائن ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزارت جي ذريعن چيو آهي ته هٿياربند فوج  معيشت جي استحڪام لاءِ پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ جو فيصلوۡ ڪيو آهي، بچاءُ واري وزارت جي  ذريعن موجب ملڪ جي هٿياربند فوج هن سال به بجيٽ جي مد ۾ ڪنهن اضافي فنڊ جي گهرج ناهي ڪئي،هٿياربند فوج معيشت جي استحڪام لاءِ وڏا فيصلا ڪيا، مختلف ايرياز ۾ پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي،هٿياربند فوج يوٽيلٽي بلز جي مد ۾ پنجهن خرچن کي وڌيڪ محدود ڪيو، پي او ايل جي خصوصي بجيٽ تي تربيت ۽ انتظامي ضرورتن کي گهٽ ڪيو آهي، ذريعن موجب عسڪري سامان جي خريداري جي غير ملڪي معاهدن کي مقامي ڪرنسي ۾ تبديل ڪيو ويو، عسڪري چرپر ۾گهٽتائي ۽ جديد ٽيڪنالاجي استعمال  ڪرڻ جو فصيلو ڪيو آهي، ڪانفرنسون ۽ ٻين اهم معاملن لاءِ آن لائين ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عسڪري تربيت لاءِ پري وارن علائقن بدران مقامي ايرياز ۾ ٽريننگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو