115

ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 355 ارب رپين جو اضافي ٽئڪس لڳايو ويو آهي: چيئرمين ايف بي آر

اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 355 ارب رپين جو اضافي ٽئڪس لڳايو ويو آهي، سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪيو ويو آهي، مقامي ٽئڪس 52 سيڪڙو ۽ 48 سيڪڙو اسان جي درآمدات جا ٽئڪسز آهن، پگهاردار طبقي کي حڪومت رليف فراهم ڪيو آهي، بجيٽ ۾ 355 ارب رپين جا اضافي ٽئڪسز لڳايا ويا آهن، عاصم احمد چيوته وڌيڪ آمدني وارن ماڻهن تي ٽئڪس لڳايو ويو آهي ۽ نان فائلرز تي اضافي ٽئڪس لڳايو ويوآهي، ريئل اسٽيٽ، فارم هائوسز تي ٽئڪس وڌايو ويو، ايندڙ سال ٽئڪس حدف 7004 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ 75 سيڪڙو ٽئڪس ڇوٽ انڪم تئڪس سميت ڊائريڪٽ ٽيڪسز بابت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو