اسلام آباد/ ڪراچي (نمائندن وٽان) بي جي پي اڳواڻن جو گستاخي وارو بيان، سڄي ملڪ ۾ مظاهرا، ڀارتي ناظم الامور طلب، احتجاج رڪارڊ، بي جي پي اڳواڻن جي گستاخي واري بيان خلاف سڄي ملڪ ۾ مسلمان روڊن تي نڪري آيا، ريليون ڪڍي، احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪوئيٽا سميت مختلف ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ مسلمانن ڌرڻا هنيا ۽ ڀارتي شين جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو، ٻئي طرف پاڪستان بي جي پي اڳواڻن جي گستاخي واري بيان خلاف ڀارتي ناظم الامور کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، ترجمان پرڏيهي آفيس موجب ڀارت ڪنهن ٻئي کي نه پاڻ کي بي وقوف بڻائي رهيو آهي، توهين آميز بيان تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، عاصم افتخار جو چوڻ هو ته ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن خلاف ڀرپور مهم جاري رکي آهي، ڀارت کي ڪشمير ۾ ظالم بند ڪري اتي فوري طور اقوام متحده جي نگراني ۾ آزاداڻي راءِ ڪرڻ گهرجي، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود جو چوڻ هو ته مختلف سفارڪارن کي ڀارت ۾ توهين آميز بيان، هندوتوا جي هٿي ۽ اقليتن تي ڀارتي ظلمن بابت آگاهه ڪيو آهي، جيڪڏهن ڀارت ۾ ٿورڙي به اخلاقي جرئت آهي ته هو فوري طور ان بي جي پي عملدارن جي بيان جي مذمت ڪري، ڀارت انهن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي، پاڪستان مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري کي هٿي ڏني آهي، پاڪستان 6 سئو کان وڌيڪ سک ياترين کي مقدس هنڌن جي ياترا لاءِ ويزائون جاري ڪيون.
