118

پي ٽي آءِ لانگ مارچ ڪيس ۾ پوليس رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع، عمران خان بدنظمي جو ذميوار قرار

اسلام آباد /لاهور (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ لانگ مارچ ڪيس ۾  پوليس رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع، عمران خان بدنظمي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، رپورٽ موجب اسلام آباد جي پوليس عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ  ۾ چيو آهي ته  عمران خان مظاهرين  کي ريڊزون ۾ داخل ٿيڻ جي هدايت ڏني هئي، سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود مظاهرين ريڊ زون ۾ ويا، 700 کان 800 مظاهرين ريڊ زون ۾ داخل ٿيا، ان دوران 21 شهري زخمي ٿيا، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ويو، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي هٿيار هئا، ڏنڊا به کنيل هئا، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مظاهرين کي روۡڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئي،عدالتي حڪم تي رڪاوٽون هٽايون ته جيئن مظاهرين ايڇ نائين گرائونڊ پهچي سگهن، حڪومت طاقت جو استعمال نه ڪيو، هوڏانهن لاهور جي دهشتگردي توڙ عدالت لانگ مارچ دوران ڀڇ ڊاهه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي شفقت محمود، حماد اظهر،ياسمين راشد، زبير خان نيازي، ميان محمود الرشيد، اعجاز چوڌري، ميان اسلم اقبال، مراد راس، ياسر گيلاني، امتياز محمود شيخ،  نديم عباس ۽ عندليب عباس جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا ويا، ٻي طرف اسلام آباد جي عدالت توهين مذهب جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو