134

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ 114 ارب رپيا واڌ، 250 مان وڌائي 364 ارب ڪئي وئي

اسلام آباد (م ڊ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ 114 ارب رپيا واڌ،  250 ارب رپين مان رقم وڌائي 364 ارب رپيا ڪئي وئي، ان حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته  پوئتي پيل، غريب ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مختص رقم ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، 250 ارب رپيا رقم هئي، وڌائي 364 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي، 12 ارب يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن تي شين جي سبسبڊي لاءِ رکيا ويا آهن، 5 ارب رپين جي واڌو رقم رمضان پيڪيج طور تي رکي، ايندڙ مالي سال 90 لک خاندانن کي بينظرڪفالت ڪيش ٽرانسفر پروگرام جي سهولت ڏينداسين،ڪفالت ڪيش پروگرام لاءِ  266 ارب رپيا رکيا ويا آهن، پبلڪ  سيڪٽر ڊوولپمينٽ پروگرام جي لاءِ 800 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو