اسلام آباد (م ڊ) گئس جي کوٽ باوجود ايندڙ مالي سال لکين واهپيدارن کي نوان ڪنيڪشن ڏنا ويندا. ملڪ ۾ ايندڙ سال تائين 5 لک 37 هزار نوان گئس واهپيدار سسٽم ۾ شامل ٿيندا، سوئي ناردرن 4 لک 3 هزار 50 ڪنيشڪن جاري ڪندي، اهڙي ريت سوئي سدرن طرفان هڪ لک 34 هزار 20 ڪنيڪشن جاري ڪيا ويندا. سوئي نادرن 4 لک گهريلو، 2800 ڪمرشل ۽ 250 صنعتي ڪنيڪشن جاري ڪندي، سوئي سدرن هڪ سال ۾ هڪ لک 33 هزار 10 گهريلو، 775 ڪمرشل، 235 صنعتي ڪنيڪشن ڏيندي.
129