548

گجرات جا 5 ڀائر 3 سياسي پارٽين جي ٽڪيٽ تي هڪ ٻئي خلاف چونڊ وڙهي ويا

گجرات جا 5 ڀائر 3 سياسي پارٽين جي ٽڪيٽ تي هڪ ٻئي خلاف چونڊ وڙهي ويا

فيبروري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ گجرات مان 5 ڀائر هڪ ئي ضلعي مان 3 سياسي پارٽين جي ٽڪيٽ تي وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ لهندا.وڏو ڀاءُ چوڌري عابد رضا قومي اسيمبلي لاءِ ميدان ۾ آهي جڏهن ته چوڌري رضا جا 4 ڀائر صوبائي اسيمبليءَ لاءِ اميدوار آهن.
چوڌري شبير رضا، چوڌري نعيم ۽ چوڌري شاهد پي پي 28 تان چونڊ وڙهندا، ٽيئي ڀائر پي پي 28 تان هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ هوندا.

چوڌري محمد علي پي پي 33 تان مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي جڏهن ته پي پي 28 تان چوڌري شبير رضا ن ليگ جو اميدوار آهي. 
چوڌري نعيم رضا ق ليگ ۽ چوڌري شاهد رضا پي ٽي آءِ جون ٽڪيٽون کنيون.
مسلم ليگ ن جو ڊويزنل صدر چوڌري عابد رضا اين اي 62 تان چونڊ وڙهندو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو