112

زراعت ۽ لائيوِ اسٽاڪ لاءِ 21 ارب روپيا بجٽ مقرر، ٻجن، ٽريۡڪٽرن ۽ زرعي اوزارن جا درآمدي ٽئڪس ختم

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي بجٽ ۾ زراعت جي شعبي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. نئين مالي سال ۾ زراعت ۽ لائيوِ اسٽاڪ لاءِ 21 ارب روپيا بجٽ مقرر ڪئي وئي آهي. جنهن هيٺ زرعي پيداوار کي وڌيو ويندو. ٻجن، ٽريۡڪٽرن ۽ زرعي اوزارن جا درآمدي ٽئڪس ختم ڪيا ويا آهن. زرعي صنعتن سان لاڳاپيل شين تان پڻ ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي.  ڪڻڪ، مڪئي، ڪينولا، سورج مکي، چانورن ۽ مختلف جنسن جي ٻجن جي سپلائي تي سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.  هائوس فارمنگ، پروسيسنگ، ڊرپ ايريگيشن ۽ ٻوٽن کي بچائڻ جي اوزارن سميت هر طرح جي زرعي اوزارن تي ٽئڪس جي ڇوٽ ڏني ويندي. جڏهن ته جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري ڊويزن جي 29 جاري منصوبن لاءِ 9079.954 ملين روپيا جڏهن ته چار نون منصوبن لاءِ 1049.180 ملين روپيا مختص ڪيا ويا آهن، جمعي ڏينهن جاري ايس ڊي پي موجب غذئي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت تحت ڪاٽن جي شعبي کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ 130.922 ملين روپيا، نيشنل آئل سيڊ پروگرام لاءِ 700 ملين روپيا، ڪمند جي پيداوار ۾ اضافي جي پروگرام لاءِ 130 ملين روپيا، چانورن جي پيادوار ۾ اضافي لاءِ 270 ملين روپيا، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ 350 ملين روپيا رکيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو