123

پاڪستان جي اعليٰ فوجي قيادت پاران چين جو دورو، اسٽريٽجڪ حصيداري وڌائڻ ۽ دهشتگردي خلاف تعاون جاري رکڻ تي اتفاق

بيجنگ/راولپنڊي(م ڊ)پاڪستان جي اعليٰ فوجي قيادت پاران چين جو دورو، اسٽريٽجڪ حصيداري وڌائڻ ۽ دهشتگردي خلاف تعاون جاري رکڻ تي اتفاق، پاڪ فوج چيو آهي ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ جبلن کان اوچي، سمنڊ کان گهري ۽ ماکي کان وڌيڪ مٺي آهي، تعاون جاري رهندو،آءِ ايس پي آر جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو آهي ته اعليٰ سطح جي فوجي وفد 9 کان 12 جون جي وچ ۾  چين  جو دورو ڪيو، چيني اعليٰ فوجي قيادت سان ملاقات  کان علاوه وفد جي سطح تي ملاقاتون ڪيون،12 جون تي ٿيل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي قيادت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪئي، چين  پاران وائيس چيئرمين سينٽرل ملٽري ڪميشن جنرل  زانگ ڪئي،  ملاقات  ۾ پاڪ چين فوجي قيادت گڏيل  مفادن جي تحفظ لاءِ رابطن ۾ تسلسل سميت تربيت، ٽيڪنالاجي ۽ دهشتگردي روۡڪڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، پڌر نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪ چين فوجي قيادت عالمي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پاڪستاني فوجي وفد چين کان سواءِ سرڪاري ڊپارٽمينٽس جي سينيئر عملدارن سان به ملاقاتون ڪيون، ملاقات ۾ پاڪ  چين فوجي قيادت هڪٻئي سان دفاعي تعاون جاري رکڻ جي عزم جو  اظهار ڪيو، آرمي چيف جنرل  قمر جاويد باجوه جو چين جو دورو پاڪ چين گڏيل فوجي تعاون ڪاميٽي جو حصو آهي،پاڪ  چين ملٽري ڊپلوميسي ۽ ملٽري ٽو ملٽري تعاون هميشه بلندين کي ڇهندو رهيو آهي، آرمي چيف واحد فوجي سربراهه آهي، جنهن چيني صدر جي دعوت تي چين جو دورو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو