98

پيٽرول جو اگهه 24 روپين جي واڌ سان 234 روپيا لٽر ۽ ڊيزل 59 روپين جي واڌ کان پوءِ 264 رپيا ٿي ويو،آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڪري اسان جا هٿ ٻڌل آهن: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت ٿوري ئي وقت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر  پيٽروليم جي اگهن  ۾ وڏي پيماني تي واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيٽرول جو اگهه  24 روپين جي واڌ سان 234 روپيا لٽر ۽ ڊيزل 59 روپين جي واڌ کان پوءِ  264 روپيا ٿي ويو  آهي. وفاقي حڪومت پيٽروليم جي اگهن ۾ هر مهيني جي پهرين ۽ پندرهين تاريخ واري طئي ٿيل طريقي کان هٽي رات جو دير سان  اوچتو واڌ ڪري ڇڏي. رات دير  سان ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو، جنهن موجب  پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ 24 روپيا  3 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 59 روپيا 16 پئسا ، لائٽ ڊيزل  جي اگهه ۾ 29  روپيا 16 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 29 روپيا 49 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. جنهن کان پوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 233 روپيا 89 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 263 روپيا 31 پئسا، لائٽ اسپيد ڊيزل جو اگهه 207 روپيا 47 پئسا ۽ گاسليٽ جو اگهه 211 روپيا 43 پئسا ٿي ويو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته عالمي منڊيءَ ۾ ئي تيل جا اگهه وڌي ويا اسين ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون، آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڪري اسان جا هٿ ٻڌل آهن. هن چيو ته جڏهن عمران خان جي حڪومت وڃڻ واري هئي ته ان ڄاڻي واڻي پيٽرول تي سبسڊي ڏئي ان جو اگهه گهٽائي ڇڏيو جنهن جي ڪري نقصان ٿيڻ شروع ٿي ويو.  پيٽروليم تي سبسڊي ڏيڻ جي نتيجي ۾ ملڪ کي 120 ارب روپين جو نقصان ٿيو پر ان جي اگهن ۾ هن تازي واڌ کان پوءِ حڪومت کي ان مد ۾ وڌيڪ نقصان نه ٿيندو. هن چيو ته اسين نه ٿا چاهيون ته ملڪ ڏيوالو ٿي وڃي، هاڻي ٻن ٽن مهينن ۾ اسين حالتن کي سنڀالي وٺنداسين، آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان لاڳاپا بهتر ڪري وٺنداسين. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته ڳچ وقت کان بجليءَ جي اگهن ۾ پڻ واڌ نه ٿي آهي، اهڙي ريت گئس جو اگهه پڻ سيپٽمبر 2020 کان پوءِ نه وڌيو آهي، اهو معاملو پڻ ڪابينا ۾ پيش ڪري ان بابت ڪو فيصلو ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو