147

بلاول ڀٽو جي مشهد جي دوري دوران امام رضا عه جي روضي مبارڪ تي حاضري

مشهد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي مشهد جي دوري دوران امام رضا عه جي روضي تي حاضري ڀري،  هوائي اڏي تي پرڏيهي وزير جي آجيان خراسان رضوي صوبي جي گورنر جنرل يعقوب علي نظري ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير روضي تي حاضري ڀري ۽ مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون به ڪيون، بلاول ڀٽو زرداري پرامن گڏيل بقا، سمورن مذهبن جي احترام ۽ انسانيت لاءِ رحمت تي ٻڌل اسلامي تعليم جي حقيقي روح کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاڳر ڪيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آستانه قدس رضوي جي متولي حجت الله احمد ماروي سان به ملاقات ڪئي، هن اربعين دوران ايران جو دورو ڪندڙ پاڪستاني زائرين لاءِ انتظامن تي حجت الله احمد ماروي جا ٿورا مڃيا ۽ ايران ۾ زائرين جي داخلا ۽ رهائش جي سهولتن لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو