لاهور ( م ڊ ) پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ پنجاب اسيمبلي لاڳيتو آئيني بحران جي ور چڙهيل آهي، جتي هڪ بحران اڃان ختم ئي نه ٿو ٿئي ته ٻيو بحران پيدا ٿي پوي ٿو. تازي صورتحال ۾ هڪ ٻيو آئيني بحران پيدا ٿي ويو آهي. جنهن هيٺ پنجاب اسيمبليءَ جي خود مختيار حيثيت ختم ڪري ان کي قانون واري وزارت جي ماتحت ڪيو ويو آهي ۽ اسپيڪر توڙي اسيمبليءَ جي سيڪريٽري جا اختيار پڻ گهٽايا ويا آهن، جنهن بابت گورنر 3 آرڊيننس پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اهڙي صورتحال ۾پنجاب اسيمبليءَ جا پهريون ڀيرو هڪ ئي وقت تي ٻه ڌار ڌار اجلاس پڻ ٿيا. پنجاب اسيمبليءَ ۾ گذريل ٻن ڏينهن دوران بجيٽ پيش نه ٿي رهيو هو ، مختلف ڪارڻن جي ڪري پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر ٻن ڏينهن دوران بجيٽ پيش ٿيڻ جي اجازت نه ڏني. اهڙي صورتحال ۾ ٽي ڏينهن تي ن ليگ جي صوبائي حڪومت پنهنجي نئين حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن هيٺ صوبائي ڪابينا جي سفارش تي پنجاب جي گورنر آرڊيننس جاري ڪري پنجاب اسيمبليءَ جي خودمختيار حيثيت ئي ختم ڪري ان کي قانون واري کاتي جي ماتحت ڪري ڇڏيو. ان آرڊيننس هيٺ پنجاب اسيمبليءَ کي قانون واري کاتي جي اسپيشل انسٽيٽيوٽ جي حيثيت ڏني وئي آهي. گورنر هڪ ٻيو آرڊيننس پڻ جاري ڪري پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر جا اختيار پڻ گهٽائي ڇڏيا. ان آرڊيننس هيٺ پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر جا سرڪاري آفيسرن کي سزا ڏيڻ جا اختيار پڻ ختم ڪيا ويا. گورنر ٽيون آرڊيننس پڻ جاري ڪيو جنهن هيٺ اسيمبليءَ جي سيڪريٽريءَ جا اختيار قانون واري کاتي جي سيڪريٽريءَ کي ڏنا ويا. ان آرڊيننس هيٺ گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو اختيار قانون واري سيڪريٽريءَ کي ڏنو ويو. اهي آرڊيننس جاري ٿيڻ کان پوءِ قانون واري سيڪريٽريءَ پنهنجا نوان اختيار استعمال ڪندي پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس اسيمبليءَ جي ايوان بدران ايوان اقبال ۾ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي ايوان اقبال ۾ پهچڻ جي هدايت ڪئي. اهڙي صورتحال ۾ مسلم ليگ ق ۽ پي ٽي آءِ جي پارليماني پارٽين جو گڏيل اجلاس گهرايو ويو جنهن ۾ پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر پرويز الاهي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گورنر جي آرڊيننس کي رد ڪندي پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ق جي ميمبرن کي ايوان اقبال واري اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي اجلاس اسيمبلي جي ايوان ۾ ئي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ هڪ اجلاس پنجاب اسيمبليءَ جي ايوان ۾ اسپيڪر پرويز الاهي جي صدارت هيٺ ۽ ٻيو اجلاس وري ايوان اقبال ۾ پي ٽي آءِ کان ڦري ويل ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ حڪومتي ميمبرن شرڪت ڪئي. اسيمبليءَ جي ايوان ۾ ٿيل اجلاس ۾ گورنر جي جاري ڪيل آرڊيننس کي غيرقانوني قرار ڏئي رد ڪيو ويو. جڏهن ته ايوان اقبال ۾ ٿيل اجلاس ۾ حڪومت بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت آئيني بحران سبب پنجاب ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ئي وقت پنجاب اسيبليءَ جا ٻه ڌار ڌار اجلاس ڪيا ويا. ٻي پاسي اسيمبليءَ کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر پرويزالاهي چيو ته ايوان اقبال ۾ ٿيل اجلاس غيرقانوني آهي، اسپيڪر جو موجود هوندي ۽ اڳ ئي اجلاس هلندي ڊپٽي اسپيڪر ٻي هنڌ ٻيو اجلاس ڪيئن ٿو ڪرائي سگهي، گورنر ايوان جي تقدس جي لتاڙ ڪئي آهي. پرويز الاهي چيو ته ن ليگ اسيمبلي ۾ ووٽ کي ڪهڙي عزت ڏني آهي، پنجاب اسيمبلي جي حقن کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته آرڊيننس ذريعي پنجاب اسيمبلي کي ڪمزور ڪيو ويو، نه حڪومت وٽ سيڪريٽري آهي ۽ نه اسٽاف، صوبائي اسيمبلي اسپيڪر وٽ هوندي ڊپٽي اسپيڪر وٽ ڪو اختيار نه هوندو آهي. پرويز الاهي چيو ته پنجاب جي گورنر وٽ اختيار نه هو، جيڪو هن استعمال ڪيو.
97