106

شگر ڪميشن جي انڪشاف بعد اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي تي ڪيس داخل، 2 ساٿي گرفتار

لاهور(م ڊ) شگر ڪميشن جي انڪشاف بعد مونس الاهي تي ڪيس داخل، 2 ساٿي گرفتار، شگر ڪميشن جي انڪشاف بعد ايف آءِ اي اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي خلاف 720 ملين جي مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سندس ٻن ساٿين نواز ڀٽي ۽ مظهر عباسي خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو، داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪارروائي جي شروعات 2 سال اڳ ٿي، ان خلاف شگر ڪميشن مني لانڊرنگ جو انڪشاف ڪيو هو، ڪيس ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل جي رپورٽ تي داخل ڪرايو آهي، ٻئي طرف مونس الاهي ايف آءِ اي آفيس پهچي ويو، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته گرفتار ڪرڻو آهي ته ڪيو، عمران خان جو ساٿ نه ٿو ڇڏي سگهان، هن چيو ته مان حاضر آهيان، ڪيس ۾ پيش ٿيڻ تي ڪو به اعتراض ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو