ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ اسد عمر ۽ شيرين مزاري اجي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ جي سازش ٿيوري رد ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ جو بيانيو ڪوڙو هجڻ بابت آءِ ايس پي آر جو بيان حرف آخر آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته ادارن پاران جاچ کان پوءِ ئي ڊي جي آءِ ايس پي آر اهو بيان ڏنو آهي، پي ٽي آءِ وارا پنهنجو بيانيو ڪوڙو ثابت ٿيڻ تي آخر ڪار ادارن تي ڇو ڪاوڙيل آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽِي آءِ جي ڪوڙي بيانيي کي ادارا ڪيئن درست چون ؟ سڀني کي خبر آهي ته سازش وارو خط ڪنهن لکرايو. هن چيو ته زبردستي ڪوڙ کي سچ نٿو چئي سگھجي. پي ٽي آءِ وارا پنهنجي ڪوڙي بيانيي کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ادارن کي نشانو نه بڻائين. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پرڏيهي سازش سان نه پر پنهنجي نااهلي جي ڪري ختم ٿي آهي. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته پاڪستاني معيشت تباھ ڪرڻ جو آسڪر ايوارڊ عمران خان کي ملڻ گھرجي. هن چيو ته پوري قوم عمران خان جي ڌٻڻ مان ملڪ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
110