97

معاشي ترقي لاءِ آمريڪا سان انگيجمينٽ چاهيون ٿا، ڀارت سان به اقتصادي لاڳاپا وڌائڻا پوندا،پاڪستان هميشه چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته معاشي ترقي لاءِ آمريڪا سان انگيجمينٽ چاهيون ٿا، ڀارت سان پڻ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻا پوندا. خميس ڏينهن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو  وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو جي دور ۾ ڀارت سان اقتصادي انگيجمينٽ مضبوط هئي، اها اقتصادي انگيجمينٽ ايتري وڌائڻي پوندي جو  انهن جي پرڏيهي پاليسي ۽ فيصلا ڪندڙن کي متاثر ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو آهي، عالمي طاقتن وچ ۾ پاڪستان اڃان به بهتر ڪردار نڀائي سگهي ٿو . چين سان پاڪستان جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي اڻ ٽٽ ۽ پڪي دوستيءَ جو هڪ سڀ کان وڏو مثال آهي . بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي خطي ۾ آهي جتي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين جو سڌو اثر پوي ٿو، اسان کي پنهنجي جاگرافيائي اهميت کي نظر ۾ رکندي سٺا موقعا ڳولهڻا پوندا. اقتصادي ۽ سفارتي سطح تي اسان وٽ صلاحيت موجود آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جيو پوليٽيڪل اثر سبب سڌي ريت متاثر ٿي رهي آهي، ان جو  اثر هر پاڪستاني تي پوي ٿو.  پاڪستان جي هر پاسي رڳو بحران ئي بحران آهن. اسين پاڪستاني هن وقت انسانيت جي هڪ ڏکيي ٻه واٽي تي بيٺل آهيون، اسين پاڪستان کي اعلي مقام ڏيارڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون. يوڪرين جي جنگ جو هر پاڪستاني تي سڌو اثر پيو آهي، هن وقت اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻ جي گهرج آهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو