اسلام آباد( بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرولين جا آگهه اڃان به گهٽ آهن. پي ٽي آءِ ملڪ کي معاشي طور تي تباهه ڪرڻ لاءِ بارودي سرنگون وِڇايون، جنهن جي ڪري حڪومت ڏُکيا فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي. بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ٻين وفاقي وزيرن سان گڏ خميس تي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي سبسڊي ڏني جنهن جو مقصد ايندڙ حڪومتن لاءِ ڏُکيائيون پيدا ڪرڻ هو. گذريل رات ٽيون ڀيرو پيٽروليم جا اگهه وڌائڻا پيا، جنهن جا 2 سبب هئا هڪ ته پي ٽي آءِ حڪومت کان مليل کنڊر معاشي صورتحال ۽ ٻيو غلط پاليسيون. اسان وٽ ٻه آپشن هئا ته اسين ترت چونڊون ڪرايون ۽ عارضي حڪومت معاشي فيصلا ڪري يا اسان پاڻ ئي ڏُکيا فيصلا ڪريون. آءِ ايم ايف جو معاهدو جيڪو مڪمل نه ٿيو آهي اهو مڪمل ٿيڻ جو سمورو دارومدار ڊسمبر جي ڪارڪردگيءَ تي هوندو. ان موقعي تي هن چيو ته پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ باوجود اڃا به گڏيل عرب رياستن جي اگهن کان پاڪستان ۾ اگهه گهٽ آهي، جيڪڏهن معيشت سٺي هجي ها ته اسان اهڙا ڏُکيا فيصلا نه ڪريون ها. آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو نه هو، 40-50 سالن کان نقصان ۾ هلندڙ ڪيترن ئي سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪئي وڃي ته جيئن انهن کي بهتر انداز ۾ هلائي سگهجي. پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي، ايس اين جي پي ايل، ايس ايس جي ايل، ڊسڪوز سميت ٻيا 90 سيڪڙو ادارا خساري ۾ هلي رهيا آهن، انهن جي نجڪاري ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جي ادارن جي ملازمن کي گولڊن شيڪ هينڊ ڏنو وڃي ته جيئن اهي ڪو ٻيو ڪم ڪري سگهن.هن وڌيڪ چيو ته تاريخ لِکي ويندي ته جڏهن ملڪ ڪمزور ٿيڻ لڳو هو ته موجوده حڪومت سياسي مستقبل داءُ تي لڳائي ملڪ کي بچائڻ لاءِ عملي قدم کنيا. عمران خان پي ايس ڊي پي هيٺ آخري ٽن مهينن جي فنڊن کي پيٽروليم سبسڊي طور استعمال ڪيو، جيڪڏهن اها سبسڊي هڪ سال جاري رکي وڃي ها ته قومي ناڻي تي 1200 کان 1500 ارب روپين جو بار پوي ها، ايتري اسان جي سالياني دفاعي بجيٽ هوندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هنن چيو ته دعويٰ سان چئون ٿا ته پرڏيهي سازش جي معاملي تي جوڊيشل ڪميشن به جوڙي وڃي ته عمران خان ان مان به ڀڄي ويندو، صلاح آهي ته عمران خان جوڊيشل ڪميشن جي پٺيان لِڪڻ جي ناڪام ڪوشش ختم ڪري.
85