105

ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تي عمل مڪمل ٿيڻ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي: آرمي چيف

راولپنڊي ( بيورو رپورٽ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تي عمل مڪمل ٿيڻ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي. آءِ ايس پي آر جي جاري ٿيل بيان موجب  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ قائم ٿيل ڪور سيل ۽ قومي ڪوششن سان ئي اها وڏي ڪاميابي ملي سگهي آهي. ڪور سيل جي ڪوششن سان پاڪستان جو ڪنڌ فخر سان مٿي ٿيو آهي ۽ سول ۽ ملٽري ٽيم ايڪشن پلان تي عمل ڪيو. ايڪشن پلان تي عمل ٿيڻ جي نتيجي ۾ ئي  پاڪستان کي وائٽ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي واٽ کلي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن،انهن جي تصديق ڪرڻ لاءِ ايف اي ٽي ايف جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو