106

پاڪستان سان حصيداري کي اڳيان وڌائڻ چاهيون ٿا، بلاول ڀٽو سان ملاقات بهتر رهي: آمريڪا

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ  پرائيس چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ۾ ملاقات دوران سٺي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي،  پاڪستان جي نئين نمائندي سان ملڻ جا ڪجهه موقعا مليا آهن، گذريل مهيني بلاول ڀٽو ۽ بلنڪن ۾ ملاقات، سٺي رهي هئي، ميڊيا کي بريفنگ  ڏيندي هن چيو ته پاڪستان اسان جو حصيدار آهي اسان ان حصيداري کي اڳيان وڌائڻ جا طريقا ڳولي رهيا آهيون، ملاقات۾ غذائي تحفظ جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڀارت ۾ بي جي پي سرڪار پاران مسلمانن جي گهرن کي ڊاهڻ جي مذمت ڪيون ٿا، ٻن اڳواڻن جي جارحاڻي تبصرن جي پڻ مذمت ڪيون ٿا،اسان مذهبي يا عقيدي جي  آزادي سميت انساني حقن جي مسئلن تي سينيئر سطح  تي معاملن  کي ڏسي رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو