اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت طرفان بجٽ ۾ ملازمن جو پگهار وڌائڻ وارو فيصلو واپس ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. اهڙو امڪان آءِ ايم ايم جي ناراض ٿيڻ سبب پيدا ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سبسڊي ختم ڪري پيٽروليم جا اگهه وڏي پيماني تي وڌائڻ کان پوءِ به آءِ ايم ايف جو هانءُ نه ٺريو آهي ۽ هو پاڪستان کي قرض ڏيڻ بابت معاهدي لاءِ راضي نه ٿيو آهي. آءِ ايم ايف معاهدي لاءِ پاڪستان جي حڪومت تي پاڪستان سرڪار تي وفاقي بجٽ ۾ ملازمن جي پگهار ۾ ڪيل واڌ ختم ڪرڻ ۽ پگهاردار طبقي کان ويترکانئن 125 ارب روپيا ٽئڪس اوڳاڙڻ لاءِ به دٻاءُ وجهي رهيو آهي. جنهن کان پوءِ حڪومت اهو شرط پورو ڪرڻ لاءِ ملازمن جو وڌايل پگهار ختم ڪرڻ ۽ کانئن ٽئڪسن جي مد ۾ 18 ارب رپوين جي اوڳاڙي ڪرڻ تي غور به شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ان کان علاوه پاڪستان جي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ آمريڪا کان مدد پڻ گهري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي اڳواڻي ۾ حڪومت جي اقتصادي ٽيم پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ڪري آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ مدد گهري ورتي. حڪومتي ٽيم آءِ ايم ايف جا شر ط پورا ڪرڻ بابت حڪومت جي ورتل اپائن بابت پڻ کيس تفصيلي ڄاڻ ڏني.
126