اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته آمريڪا سان آءِ ايم ايف حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪيترين ئي شين تي آءِ ايم ايف وضاحت گهري رهيو آهي، جنهن تي ڪم ڪيون پيا،گذريل حڪومت جي ڪري پاڪستان جي ساک متاثر ٿي، جيڪا ٻيهر بحال ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جو آمريڪا جو دورو ڪامياب ويو آهي، لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي.
137