125

جبري گمشدگين جو ذميوار ڪير آهي؟ ٻڌائي ڇڏيو ته هتي رياست اندر رياست آهي: عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مدثر نارو جي گم ٿيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڊپٽي اثارني جنرل پيش ٿيو ، چيف جسٽس اطهر من الله ڊپٽي اثارني جنرل سان ڳالهائيندي چيو ته جبري گمشدگين جو ذميواري ڪير آهي؟ ٻڌائي ڇڏيو ته هتي رياست اندر رياست آهي، مون گذريل حڪم ۾ چيو هو ته گم ٿيل ماڻهن کي بازيات ڪري پيش ڪيو وڃي، اهي ڪٿي آهن؟ ، جنهن تي ڊپٽي اثارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي وفاقي حڪومت ڪاميٽي جوڙي آهي، جاچ ايجنسيون به  ڪوششون ڪن پيون،عدالت کي ڪاميٽي ۾ نه ڦاسايو، اهو ٻڌايو عمل درآمد ٿيو يا نه؟ وفاقي حڪومت جو ايڪشن ڪٿي آهي؟ اڃا به روز ماڻهو کنيا پيا وڃن،  وفاقي حڪومت کي پرويز مشرف ۽ ان کان پوءِ جي سمورن وزير اعظم کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنوهو، اهي نوٽيس ۽ حلفيه بيان ڪٿي آهي؟، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته بچاءُ وارو وزير ڪنهن جي ماتحت آهي؟ يا ته وزير اعظم چوي ته هو بيوس آهي، جيڪڏهن وزير اعظم بيوس ناهي ته آئين کيس ذميوار قرار ڏئي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو