لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سينٽرل جيل جو دورو ڪيو جتي جيل سپريڊنٽ لاڙڪاڻو اشفاق ڪلوڙ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي کي بريفنگ ڏني وئي آهي ته قيدين کي ٻين جيلن ڏانهن منتقلي واري عمل کي مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آپريشن دوران جيل مان موبائيل فون، ائير ڪولر، ٽي وي، سميت ٻيون غير قانوني شيون پڻ ضبط ڪيون ويون آهن. هوڏانهن پيپلز پارٽي ڊويزن لاڙڪاڻو جي صدر ۽ جيل کاتي جي صوبائي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻو سينٽرل جو ماحول ڪجهه ڏينهن خراب رهيو ڇاڪاڻ سينٽرل ۽ ڊسٽرڪٽ جيل جي ماحول ۾ فرق آهي هتي ڊسٽرڪٽ جيل کي سينٽرل جو درجو ڏنو ويو آهي جتي جيل اندر موبائيل جي استعمال سان ڏوهه وڌي رهيا هئا تنهن ڪري ڪجهه قيدين کي سکر جيل منتقل ڪيو ويو ۽ گهٽ قيدين جي ڪري حالتن تي ڪنٽرول ٿيا. هن چيو ته جيل اندر قيدين وٽ سيخون ۽ لوهي راڊ هئا ڪنهن جو نقصان ٿيڻ نه پيا چاهيون تنهن ڪري رينجرز کي طلب ڪيو ويو. هن چيو ته مون لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جو دورو ڪيو جتي هاڻي ماحول ڪافي بهتر آهي، ڇاڪاڻ قيدين جيل جي حالت خراب ڪري ڇڏي هئي انهن وڙهڻ لاءِ ڪيترو ئي سامان پاڻ وٽ رکيو هو جتان 400 موبائيل فونون ۽ منشيات به هٿ ڪئي. هن چيو ته سينٽرل جيل جي اندر ايس او پيز ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن حالتن تي ضابطو اچڻ کان پوءِ ڪجهه قيدين کي واپس آندو ويندو، ذميوارن خلاف انڪوائري بعد ڪاروائي به ٿيندي. هن چيو ته جيل ۾ منشيات جو استعمال عام ٿي رهيو هو. هاڻي سينٽرل جيل ۾ جيمر لڳايا ويندا ۽ جيل جو تعميراتي ڪم به شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي لاءِ وڏو جنريٽر ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو جيئن صحافين کي ذميواريون نڀائڻ ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن.
132