113

 ايندڙ حڪومت پ پ جي ٿيندي، مڪمل شيئر وٺنداسين، پنهنجي سياست ڪمزور ڪري ملڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي: آصف علي زرداري

لاهور (م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته  ايندڙ حڪومت پ پ جي ٿيندي، پوءِ اسين مڪمل شيئر وٺنداسين، اسان پنهنجي سياست ڪمزور ڪري ملڪ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙو اظهار هن بلاول هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪندڙ  پ پ عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. آصف علي زرداريوڌيڪ  چيو ته اسان کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو ته پاڪستان کي 110 ڊگري تائين تبديل ڪندس، انشاءَ الله ايندڙ حڪومت پ پ جي ٿيندي ته اسين مڪمل شيئر وٺنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڪئي، انوکي لاڏلي جي چئن سالن جي پاليسين سبب اڄ مهانگائي آهي. اهي اسان جي ڪڏهن ٿا ٻڌن؟ رڳو تڏهن ٿا ٻڌن جڏهن کين ضرورت پوندي آهي. هن چيو ته اهو چوڻ ته پنجاب، گلگت بلتستان ۾ پ پ ختم ٿي وئي نسورو ڪوڙ آهي، ڪير ٿو چوي ته پيپلز پارٽي ختم ٿي وئي آهي، اسان پنهنجي سياست ڪمزور ڪري پاڪستان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هاڻ پنجاب ۾ ويهندس ۽ سڀني سان گڏجي ڪم ڪندس.  پنجاب ۾ ويهڻو آهي ۽ ڪارڪنن کي عزت ڏيڻي آهي. لاهور ۾ ڪارڪنن کي بحريه ٽائون ۾ اچڻ ۾تڪليف ٿئي ٿي ان ڪري آئون هاڻي اتان کان گلبرگ ۾ منتقل ٿي رهيو آهيان. ان موقعي تي اڳوڻي صدر  آصف علي زرداريءَ سان پيپلز پارٽي لاهور  جي عهديدارن ۽ پ پ پنجاب جي ليڊيز ونگ جي صدر ملاقات ڪري پارٽيءَ جي تنظيم سازي جي عمل بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو