143

وائيٽ لسٽ ۾ واپسي پاڪستان جي اهم ڪاميابي قرار،وزيراعظم جون آرمي چيف ۽ بلاول ڀٽو کي مبارڪون

اسلام آباد  ( بيورو رپورٽ )  وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي فيٽف جا شرط  پورا ٿيڻ ۽ وائيٽ لسٽ ۾ پاڪستان جي واپسي جي واٽ کلڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ”ٽيم پاڪستان“ کي مبارڪ هجي جنهن پاڪستان جي لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي، گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي قومي ڪوشش ڪندڙ سموري سول ۽ ملٽري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم ان سلسلي ۾ بلاول ڀٽو، حنا رباني کر ۽ مفتاح اسماعيل کي فون ڪري کين مبارڪون ڏنيون ۽ سندن ڪوششن جي واکاڻ پڻ ڪئي.  ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل مان جاري ٿيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪون ڏيان ٿو، سندس قيادت ۾ ٽيم کي اها اهم ڪاميابي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي عمل تي مبارڪون ڏيان ٿو، پاڪستان کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي توهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي قائم ڪيل ”ڪور سيل“ پاڪستان جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کان پوءِ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ويندو، گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. هن چيو ته جنهن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي ڪوشش ٿي، اها ئي قومي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون، قوم کي مايوسي، نااميدي ۽ معاشي ابتڙي مان ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين. ٻي پاسي پر ڏيهي معاملن واري وفاي وزيره حنا رباني کر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان کي گهڻو خوش نه ٿيڻ گهرجي، اڃان گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل شروع ٿيو آهي، هي جشن ملهائڻ جو وقت نه آهي. ايف اي ٽي ايف کي اڃان پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي، اسان کي هن وقت ان جي تياري ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن کان پوءِ اسان جو سفر شروع ٿيندو، قانون سازي ۽ انتظامن کي مضبوط ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو.  هن وڌيڪ چيو ته رڳو پاڪستان ئي هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڏکيا شرط رکيا ويا، جنهن کي شرطن جي پورائي لاءِ هڪ ئي وقت ٻن ايڪشن پلانز تي عمل ڪرڻو پيو، جنهن جو ڪو مثال به نه آهي. هن چيو ته  ايف اي ٽي ايف تي اڳڀرائي ظاهر ڪرڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، ڇو ته  ماضي ۾ اهڙيون خبرون پکيڙڻ جي خواهش سان اسان کي نقصان پهچي چڪو آهي، ان ڪري حڪومت ايف اي ٽي ايف جي فيصلي جي اعلان کان اڳ ڪا ڄاڻ ڏيڻ بابت انتهائي محتاط آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو