اسلام آباد /ڪراچي ( نمائندا) سنڌ ۾ مڪاني چونڊون جي پهرين مرحلي ۾ 14 ضلعن ۾ پولنگ اڄ آچر ڏينهن تي ٿيندي. اسلام آباد ۾ ڪميشن جي مرڪزي سيڪرٽريٽ ۽ ڪراچي ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي. پولنگ جي سامان جي ورهاست جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري تفصيل مطابق سنڌ ۾ مڪاني چونڊون جي پهرين مرحلي ۾ 14 ضلعن ۾ چونڊن جي مانيٽرنگ سخت ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ کان پوءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي آفيس ۾ به مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي. ڪراچي مانيٽرنگ سيل ڇنڇر کان ووٽن جي ڳڻپ ۽ نتيجن جي اعلان تائين قائم رهندو. سنڌ جي 14 ضلعن ۾ گهوٽڪي، سکر، خيرپور، جيڪب آباد، ڪشمور، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، شڪارپور، نوشهروفيروز، شهيد بنيظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ پولنگ اڄ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن دوران مجموعي طور 21 هزار 298 اُميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، 946 اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. يونين ڪائونسلز ۽ يونين ڪميٽيز جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي گڏيل 887 سيٽن مان 135 سيٽس تي اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن ضلعي ڪائونسل جي 794 سيٽس مان 107 تي اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهن، 687 سيٽس تي 2 هزار 604 اُميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو. ٽائون ڪميٽيز جي وارڊ ڪائونسلرز جي 694 سيٽس مان 68 اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، 62 سيٽس تي 3 هزار 325 اُميدارن ۾ مقابلو ٿيندو. مڪاني چونڊن دوران مختلف علائقن ۾ عورتون به ميدان تي لٿل آهن، جن ۾ اڪثر آزاد حيثيت ۾ بيٺل آهن. سکر ڊويزن جي ٽنھي ضلعن سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ 2236 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آھن، جنھن ۾ 393 مرد، 393 عورت ۽ 1450 گڏيل طور تي پولنگ اسٽيشنس شامل آھن، جن مان 464 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس ۽ 1199 حساس قرار ڏنيون ويون آھن. سکر ۾ 650، گھوٽڪي ۾ 691 ۽ خيرپور ۾ 895 پولنگ اسٽيشون قائم ڪيون وين آھن، اھڙي طرح ڊويزن اندر 7644 پولنگ بوٿ جوڙيا ويا آھن جن ۾ 4018 مرد، 3626 عورتن لاءِ پولنگ بوٿ شامل آھن. سکر ۾ 2281، گھوٽڪي ۾ 2389 ۽ خيرپور ۾ 2974 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آھن، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ 464 پولنگ اسٽيشنس کي انتهائي حساس، 1199 حساس ۽ 540 پولنگ اسٽيشنس کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي. سکر ضلعي ۾ 124 انتهائي حساس، 249 حساس ۽ 274 نارمل پولنگ اسٽيشنس هونديون، اهڙي طرح خيرپور ضلعي ۾ 212 انتهائي حساس، 419 حساس ۽ 266 نارمل پولنگ اسٽيشنس هونديون. گهوٽڪي ضلعي ۾ 128 انتهائي حساس، 531 حساس پولنگ اسٽيشنس هونديون، مجموعي طور تي سکر ۾ 647، خيرپور ۾ 897 ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ 659 مجموعي طور پولنگ اسٽيشنس قائم ڪيون ويون آهن. مجموعي طور تي 12767 پوليس آفيسرز ۽ اهلڪار امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا، اهڙي طرح ڊويزن اندر 1509 رينجرز جا جوان ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا. شهيد بينظيرآباد ضلع ۾ ڪل 682 پولنگ اسٽيشنن مان 441 نارمل، 81 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس، 160 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائن لڳائڻ سميت سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. اليڪشن دوران ضلع ۾ 3 هزار 58 پوليس عملدار پنهنجون ڊوٽيون سرانجام ڏيندا. ضلع سانگهڙ جي 4 ميونسپل ڪاميٽين،11 ٽائون ڪاميٽين ۽ 73 يونين ڪائونسلن ۾ 26 جون تي چونڊون ٿينديون جنهن جي لاءِ ضلعي جي 6 تعلقن ۾ ٽوٽل 841 پولنگ اسٽيشنز ۽ 2826 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن. پولنگ اسٽيشنز مان 307 انتهائي حساس، 132 حساس جڏهن ته 402 نارمل آهن. ضلعي اندر مڪاني چونڊون دوران 559 سيٽن تي 2066 اميدوار پنهنجي قسمت آزمائيندا جن مان ضلعي ڪائونسل جا 73 ميمبر، يونين ڪائونسلز جا 73 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين، 292 يو سي ڪائونسلرز ۽ ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽين جا 121 ڪائونسلر شامل آهن جڏهن ته مختلف سيٽن تي 85 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. مڪاني چونڊن جي پھرين مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد رينج جي ايس ايس پيز جون سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، نوابشاھ ڊويزن جي مختلف ضلعن ۾ ڊيوٽيون لڳايون ويون آھن. جن مان ايس ايس پي اسد رضا جي ميرپورخاص، ايس ايس پي عرفان بھادر، محمد ڪليم، ايس ايس پي شبير سيٺار جي لاڙڪاڻو، عديل چانڊيو جي جيڪب آباد ۾ ڊيوٽي لڳائي وئي آھي. ايس ايس پي عرفان سمون شڪارپور ، ڊاڪٽر عمران احمد ڪشمور، فدا حسين جانوري گھوٽڪي، جاويد بلوچ قمبر شھدادڪوٽ، عبدالله ميمڻ سکر ۾ ڊيوٽي لڳائي وئي. ايس ايس پي طارق نواز سانگھڙ، توحيد الرحمان نوابشاھ، فاروق بجاراڻي خيرپور، صدام حسين نوشھروفيروز، ٽن اي ايس پيز ماجده پروين، طلعت احمد شاھ، بيدار بخت جون ڊيوٽيون به گھوٽڪي ضلعي ۾ لڳايون ويون، ڊي ايس پي اسلم لانگاھ جي ڊيوٽي لاڙڪاڻي ۾ لڳائي وئي آهي. هوڏانهن صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوھاڻ مڪاني چونڊن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تھ سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي پولنگ لاءِ 230 آر اوز ۽ 14 ڊي آر اوز مقرر ٿيل آھن، 9 ھزار پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آھن. اعجاز انور چوھاڻ موجب حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون آھن، 5331 سيٽن تي چونڊون ٿين پيون ، جن تي 21 ھزار کان وڌيڪ اميدوار حصو وٺي رھيا آھن، سموريون تياريون مڪمل آھن، پوليس مقرر ڪئي وئي آھي. اعجاز انور چوھاڻ چيو تھ ڪنھن اڻوڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آھن، ڪجھھ پولنگ اسٽيشنز تي گڙٻڙ خلاف ايڪشن ورتو ۽ ايف آئي آرز بھ ڪٽرايون ويون آھن، جيڪڏھن ڪٿي اليڪشن قانون جي ڀڃڪڙي ٿي تھ قانوني ڪارروائي ٿيندي.
