126

شهري حجامن، ريئل اسٽيٽ بروڪرن، ڪار ڊيلرن، بلڊرز ۽ ريسٽورنٽ تي به ٽئڪس لڳائڻ جو فيصلو، پيش ڪيل بجٽ ۾ به تبديلي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت وفاقي بجٽ ۾ اهم تبديليون ڪيون آهن، جنهن  هيٺ شهري حجامن، ريئل اسٽيٽ بروڪرن، ڪار ڊيلرن، بلڊرز ۽ ريسٽورنٽ تي به ٽئڪس لڳائڻ جو  فيصلو ڪيو ويوآهي،  پيش ڪيل بجٽ ۾ به تبديلي ڪري نيون تجويزون شامل ڪيون ويون آهن.  هڪ لک روپين تائين جي پگهار تي ٽئڪس جي ڇوٽ ختم ڪري پگهاردارن لاءِ نوان ٽئڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن موجب هاڻي ٽئڪس جي ڇوٽ جي حد 50 هزار روپيا ڪئي وئي آهي، ايترو پگهار کڻندڙ تي ٽئڪس نه لڳندو. جڏهن ته ماهوار هڪ لک روپيا پگهار تي اڍائي سيڪڙو ، 2 لک روپين تائين جي پگهار تي ماهوار ساڍا 12 سيڪڙو ۽ سال ۾ 15 هزار روپيا فڪس ٽئڪس لاڳو ٿيندو. 2 لک کان 3 لک روپين تائين جي پگهار تي ساليانو هڪ لک 65 هزار روپيا ۽ ماهوار 20 سيڪڙو  ٽئڪس لڳايو ويندو.3 لک کان 5 لک روپين تائين جي پگهار تي سال ۾ 4 لک 5 هزار روپيا ۽ 3 لک روپين کان وڌيڪ ناڻي تي ماهوار 25 سيڪڙو اضافي ٽئڪس ورتو ويندو.5 لک کان 10 لک روپين جي پگهار تي  ساليانو 10 لک روپيا ۽ 5 لک روپين کان وڌيڪ جي ناڻي تي ماهوار ساڍا 32 سيڪڙو ٽئڪس لڳندو. اهڙي ريت 10 لک روپين کان وڌي جي پگهار تي ساليانو 29 لک روپيا ۽ 10 لک روپين کان اضافي ناڻي تي ماهوار 35 سيڪڙو  ٽئڪس لڳندو. جڏهن ته  فڪس ٽئڪس جون 2023 کان ختم ٿيندو.  ٻي پاسي ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ٽئڪس بنياد  ۽ ان جو دائرو وڌائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويندا، گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته نئين مالي سال جي بجٽ ۾ لکين دڪانن کي ٽئڪس نيٽ ۾ آندو ويو آهي، جيولرز کي پڻ ٽيڪس جي دائري ۾ آندو پيو وڃي ۽ ايندڙ مهينن ۾ پروفيشنلز کي ٽيڪس ۾ آندو ويندو، ناڻي واري وزير چيو ته ننڍن دڪاندارن ۽ جيولرز کي ٽئڪس جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ انهن جي ايسو سيئشن سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ انهن جي مرضي سان انهن کي ٽئڪس جي دائري ۾ آندو ويو آهي، هن چيو ته ٽيڪس دائري ۾ واڌ ڏاڍ سان نه پر صلاح مشوري سان ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو