128

اسٽيل ملز جي نجڪاريءَ جون تياريون تيز، نجڪاري ڪميشن پلان پيش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي نجڪاريءَ جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته نجڪاري ڪميشن ان لاءِ پلان پڻ پيش ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ ڪابينا ڪميٽي جو  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نجڪاري ڪميشن ان لاءِ پلان پيش ڪيو. ڪميٽيءَ کي اسٽيل ملز جي نجڪاريءَ وسيلي بحاليءَ لاءِ ورتل اپائن جي ڄاڻ ڏني وئي، جنهن تي ڪميٽيءَ اطمينان جو اظهار ڪندي صحت واري وزارت، پاور ڊويزن ۽ سامونڊي معاملن واري وزارت کي نجڪاري ڪميشن سان گڏجي معاملا  نبيرڻ جي هدايت ڪئي. ڪابينا ڪميٽيءَ اين پي پي ايم سي ايل جي نجڪاريءَ ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. جڏهن ته ڪابينا ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون صوبن جي حوالي ڪرڻ تي پڻ بحث ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو