113

بلدياتي چونڊون: سنڌ ۾ 20 پوليس آفيسرن کي مختلف ضلعن ۾ خصوصي سيڪيورٽي ٽاسڪ، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلدياتي چونڊون دوران  سنڌ ۾ 20 پوليس آفيسرن کي مختلف ضلعن ۾ خصوصي سيڪيورٽي ٽاسڪ ڏنو ويو،جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي،ايس ايس پي ڏکڻ ڪراچي سيد اسد رضا کي ميرپورخاص، ايس ايس پي ملير سيد عرفان علي بهادر ۽ ايس ايس پي سٽي شبير احمد سيٺار  کي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو ضلع جيڪب آباد، ايس ايس پي ڪياماڙي  فدا حسين ۽ ڪمانڊٽ ايس ايس يو ذيشان شفيق صديقي گهوٽڪي ضلعي ۾ فرض نڀائيندا، ايس ايس پي آر آر ايف سيد محمد علي رضا کي قمبر، ايس ايس پي دادو عرفان سمون کي شڪارپور ۽ ايس ايس پي جاچ ڏکڻ ڪراچي محمد عمران خان ڪشمور مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڄامشورو جاويد احمد بلوچ قمبر ۽ ايس ايس پي ٽنڊومحمد خان عبدالله ميمڻ کي سکر ضلعي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل طارق نواز  کي ضلعي سانگهڙ ايس ايس پي فارين سيڪيورٽي سيل توحيد رحمان کي شهيد بينظير آباد،فاروق احمد بجاراڻي کي خيرپور، صدام حسين کي نوشهروفيزو اي ايس پيز سيد طلعت احمد شيخ، مجيداه پروين ۽ بيدار بخت کي گهوٽڪي ضلعي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي ڊرائيونگ لائسنس برانچ حيدرآباد محمد اسلم لانگاهه کي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو