158

وزيراعظم شهباز شريف نوابشاهه پهتو، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان تعزيت

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف نوابشاهه پهچي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان تعزيت ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي کان خصوصي جهاز ذريعي نوابشاهه ايئرپورٽ پهتو، وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ ٻيا وزيراعظم سان گڏ هئا، پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب نوابشاهه ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف کي گاڏين جي قافلي ۾ زرداري هائوس آندو ويو، شهر ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان والده ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان ڏاڏيءَ جي وفات تي عذرخواهي ڪئي، ان موقعي تي پ پ ايم پي اي علي حسن زرداري، طارق مسعود آرائين، ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻيا موجود هئا، ٻئي طرف سينيٽر يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، زاهد اڪرم دراني ۽ ٻين پڻ نوابشاهه پهچي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان تعزيت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو