125

نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن جو ڪردار بحال ڪرڻ جو فيصلو، دهشتگرديءَ کي مڪمل ختم ڪرڻ جو پڪو پهه

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم شهباز شريف نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن جو ڪردار بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪندي دهشتگرديءَ کي مڪمل ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ آچر ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ امن و امان بابت اهم اجلاس ٿيو. ان اجلاس ۾ ملڪ جي تازي صورتحال بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي دهشتگردي جي خطرن ۽ انهن کي روڪڻ جي اپائن بابت به بريفنگ ڏني وئي ۽ لاڳاپيل قانونن تي عمل جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ جي ورتل اپائن بابت پڻ ڄاڻ ڏني وئي. جڏهن ته پنجاب صوبي ۾ امن و امان جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. اجلاس ۾ گذريل چئن سالن ۾ نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن جي ڪردار کي نظر انداز ڪرڻ  ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪ اندر دهشتگرديءَ ۾ واڌ ٿيڻ تي سخت ڳڻتي پڻ ظاهر ڪئي وئي، جنهن تي اجلاس ۾  نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن جو ڪردار بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان  ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين، عوام جي هر حال ۾ حفاظت ڪئي وڃي. پاڪستان جي سلامتي جو دفاع کي هر حال ۾ ڪنداسين، پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ ترقي جي لاءِ امن و امان قائم رکڻ بنيادي گهرج آهي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته عوام جي هر حال ۾ حفاظت ڪئي وڃي، هن چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بابت عوام جي راءِ کي ڪارڪردگي ذريعي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي ايم اين ايز کي آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت سُڌ ڏيڻ لاءِ اڄ ساڻن گڏجاڻي ڪندو . وزيراعظم انهن لاءِ رات جي ماني جو پڻ انتظام ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو