راولپنڊي (م ڊ) آرمي جنرل جنرل قمر جاويد باجوه سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪيو ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. دفاعي سهڪار ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي چيف آف آرمي اسٽاف کي ڪنگ عبدالعزيز ميڊل سان نوازيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان ڪالهه جاري بيان مطابق دوري دوران آرمي چيف سعودي نائب وزيراعظم، وزير بچاءُ ۽ چيف آف جنرل اسٽاف سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ گڏيل تربيت، فضائي دفاع، دهشتگردي جي خاتمي، مواصلات ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق گڏيل لاڳاپن ۽ عسڪري شعبي ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
