106

بلاول ڀٽو اڄ ڪراچي ۾ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس منصوبي جو افتتاح ڪندو، سموريون تياريون مڪمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اڄ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس منصوبي جو  افتتاح ڪندو. ٽرانسپورٽ کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي افتتاح جون سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي افتتاحي تقريب اڄ منجهند 12 وڳي ٿيندي، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت سنڌ ڪابينا جا وزير افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندا، ماڊل ڪالوني کان ٽاور تائين روٽ ون کان پيپلز بس سروس جي شروعات ٿيندي. پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي جا 7 روٽ چونڊيا ويا آهن جن تي 240 بسون هلايون وينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو