137

آءِ ايم ايف سان قرض معاهدي تي صحيحون بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ئي ٿينديون: ناڻي واري وزارت

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان قرض معاهدي تي صحيحون بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ئي ٿينديون،ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته  آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني عملدارن جي وچ ۾ ڳالهيون بجيٽ منظوري کانپوءِ 28 جون تي ٿينديون، جنهن کانپوءِ قرض معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون، پاڪستان جي طرفان ناڻي وارو وزير ۽ اسٽيٽ بينڪ جو گورنر صحيحون ڪندا، قرض پروگرام 6 ارب ڊالر مان وڌائي 8 ارب ڊالر ڪرڻ جي درخواست آهي،آءِ ايم ايف سان قرض جي مد ۾ هڪ سال جي واڌ گهري وئي آهي، پاڪستان چاهي ٿو ته پروگرام 2023 جي بدران 2024 تائين هلي،ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو حجم تقريبن 10 هزار ارب رپيا ٿي ويندو، پيٽروليم شين تي 11 سيڪڙو سيلز ٽيڪس پهرين جولاءِ کان ورتو  ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو