141

آءِ ايم ايف وٽان هڪ ارب 90 ڪروڙ ڊالر ملندا، ملڪ ڏيوالو ٿيڻ جي خطري مان نڪري ويو آهي، حالتون اڃان ڏکيون آهن: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو چيو آهي ته آءِ ايم ايف وٽان هڪ ارب 90 ڪروڙ ڊالر ملندا، ملڪ ڏيوالو ٿيڻ کان بچي ويو آهي.اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف ستين ۽ اٺين قسط گڏائي ڇڏي آهي. ستين قسط 90 ڪروڙ ڊالر ۽ اٺين قسط اٽڪل هڪ ارب ڊالر جي آهي. پاڪستان کي معاشي ۽ مالياتي پاليسين جو دستاويز ملي ويو آهي،  جيڪو ان جو ثبوت آهي ته ڌريون آءِ ايم ايف جي پروگرام جي بحالي ۽ ان ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويون آهن. هاڻي  پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي جي راهه هموار ٿي وئي آهي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ناپائيدار سبسڊيز ڏنيون هيون. پيٽروليم مصنوعات جي شعبي ۾ سبسڊي کان ماهوار 120 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو هو. حڪومت هلائڻ جو هڪ مهيني جو خرچ 40 ارب روپيا آهي، ان سان ملڪ جو ڏيوالو ٿي وڃي ها.  هن وڌيڪ چيو ته  پاڪستان پنجون خسارو نه ٿو سهي سگهي، ملڪ کي ترقي جي دڳ تي آڻڻ لاءِ اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا. جيڪي ڏکيا فيصلا هئا سي ڪري ورتا آهن،ملڪ مفاد ۾ جيڪڏهن اڳتي به ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا ته ڪنداسين، اسين هميشھ پاڪستان جي معيشت ۽ پاڪستان جي سلامتي کي پنهنجي سياست تي ترجيح ڏينداسين. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٽئڪس نٿا گڏ ڪري سگهو ۽ ٻين ملڪن کان قرض وٺڻو آهي ته  خودداري جي ڳالهه نه ڪريو، ٽئڪس اوڳاڙي بنا خودداري جون ڳالهيون اجايون آهن. جڏهن اسان آياسين ته پاڪستان کي 4 رڪارڊ بجيٽ خسارن ۾ ڦاٿل هو، پوڻن چئن ورهين ۾ 20 هزار ارب رپيا قرض ورتو ويو، اڄ اسان کي 4 هزار ارب رپيا ڊيٽ سروسنگ ڪرڻي پئجي رهي آهي. مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته حالتون اڃا ڏکيون آهن پر اسان بهتري ڏانهن وڃي رهيا آهيون،  مالياتي نظم و ضبط کي برقرار رکيوسين ته ڏکيائين مان نڪري وينداسين. ملڪ ڏيوالو ٿيڻ واري خطري مان نڪري چڪو آهي، اسان سڄي پاڪستان جي دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون، سپر ٽيڪس ان تي لڳايو  آهي جنهن جي آمدني وڌيڪ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو